سجاول جوڻيجو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار بندوق جو فائر ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

سجاول جوڻيجو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار بندوق جو فائر ڪري ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڳوٺ تلو ڪوڏراڻي ۾جوابدار غفار  ڪوڏراڻي بندوق جو فائر ڪري پنهنجي ڀيڻ نظيران ڪوڏراڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي سجاول جوڻيجو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا نطيران جو لاش شهدادڪوٽ جي سول اسپتال منتقل ڪيو،جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

هوڏانهن سجاول جوڻيجو پوليس جوابدار غفار ڪوڏراڻي کي بندوق سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب جوبدار ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*