ڪراچي جي تڪ پي ايس 107 جي رٽرننگ آفيسر، غيرحاضر رهندڙ پريزائيڊنگ آفيسر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي جي تڪ پي ايس 107 جي رٽرننگ آفيسر، غيرحاضر رهندڙ پريزائيڊنگ آفيسر جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پي ايس 107 جي رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڊيوٽي لاءِ پريزائيڊنگ آفيسرز کي طلب ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊيوٽي لاءِ مقرر ناڻي کاتي جو سيڪشن غلام حسين ٻگهيو پيش نه ٿيو.

آر او ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته، غلام حسين ٻگهيو ڄاڻي واڻي اليڪشن ڊيوٽي تي نه پيو اچي.

رٽرننگ آفيسر، صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پريزائيڊنگ آفيسر طور مقرر ناڻي کاتي جي سيڪشن آفيسر کي فوري طور تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*