لکي غلام شاهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

لکي غلام شاهه ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

لکي مائنر ۽ ٻين واهن جي آبادگارن نذير عباسي، عرفان ڀٽو، نور شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر شڪارپور روڊ تي ٽائرن کي باهيو ڏئي ۽ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن چيو ته لکي مائينر ۾ پاڻي مسلسل بند آهي جنهن جي ڪري فصل سڪي سڙي ويو آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته آبپاشي عملو سندن حصي جو  پاڻي بااثر آبادگارن کي وڪرو ڪري رهيو آهي.

هنن چيو ته ساڍي 6 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان تازو لکي مائينر کي پڪو ڪيو ويو، جيڪو ريلوي بند کان مڪمل طور ٽُٽي پيو آھي.

هنن مطالبو ڪيو ته لکي مائنر ۾پاڻي ڏئي ساڻن انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*