سپريم ڪورٽ اين اي 54 جي مسلم ليگ ن جي اميدوار انجم عقيل جي نااهلي  لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ اين اي 54 جي مسلم ليگ ن جي اميدوار انجم عقيل جي نااهلي  لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 2011 کان نيب ۾ انجم عقيل خلاف جاچ هلي رهي آهي، کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

سپريم ڪورٽ ۾  اين اي 54 جي مسلم ليگ ن جي اميدوار انجم عقيل جي نااهلي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

شهري پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 2011 کان نيب ۾ انجم عقيل خلاف جاچ هلي رهي آهي، ليگي اميداور جون مختلف ادارن ۾ رهتون به رهيل اهن، عدالت کي استدعا آهي ته کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

عدالت پڇا ڪئي ته اوهان ريٽرننگ آفيسر آڏو اهو اعتراض ڇو نه ڪيو، جنهن تي درخواستگذار چيو ته سڄي معاملي جي  ريٽرننگ آفيسر کي خبر آهي.

عدالت اين اي 54 جي  مسلم ليگ ن جي اميدوار انجم عقيل جي نااهلي لاءِ داخل درخواست رد ڪري ڇڏي،

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار چاهي ته چونڊن کان پوءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*