پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي

پشاور سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، پشاور ۾ تيز برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پبي ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيوويو، راوپنڊي ۾ انتظاميا پاران رين ايمرجنسي جاري ڪئي وئي آهي.

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ سانوڻي جي برسات جو سلسلو جاري آهي، راولپنڊي، چشتيان سميت پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي.

راولپنڊي ۾ برسات کانپوءِ انتظاميا پاران رين ايمرجنسي جاري ڪئي  وئي آهي.

هوڏانهن پشاور  سميت خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي.

پشاور ۾ تيز برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته  برساتي نالن ۾ چاڙهه کانپوءِ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي.

پبي جي علائقي علي بيگ، وزير ڪلي ۽ ڳڙهي قاسم وارن علائقن ۾ به برسات کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته امدادي سرگرميون به جاري آهن.

مردان ۽ نوشهره جي ريسڪيو ٽيمن آپريشن دوران هن وقت تائين 6 عورتن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*