ٿاڻو بولا خان ڀرسان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙي کي پوليس، عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ٿاڻو بولا خان ڀرسان پسند جي پرڻي لاءِ نڪتل جوڙي کي پوليس، عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيل ناري ۽ نوجوان جو چوڻ آهي ته مائٽ پسند جي شادي نه ٿا ڪرڻ ڏين تنهن ڪري هو ڪورٽ ۾ نڪاح ڪرڻ چاهن ٿا.

  ٿاڻو بولا خان پوليس حيدر آباد جي رهواسي نوجوان علي رضا چانڊيو ۽ ٿاڻو احمد خان جي رهواسڻ ناري سائرا برفت کي سول ڪورٽ بولا خان ۾ پيش ڪيو جتان کين  ڄامشورو سيشن ڪورٽ موڪليو ويو آهي.

 ان موقعي تي جوڙي صحافين کي ٻڌايو ته مائٽ پسند جي شادي نه ٿا ڪرڻ ڏين تنهن ڪري هو ڪورٽ ۾ نڪاح ڪرڻ چاهن ٿا.

 واضح رهي ته گهران نڪتل جوڙي کي پوليس ٽيڪسي اسٽاپ ٿاڻو بولا خان  مان حيدر آباد ويندي گرفتار ڪيو هو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*