عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اين اي 60 راولپنڊي تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن واري نوٽفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اين اي 60 راولپنڊي تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن واري نوٽفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندس مخالف اميدوار حنيف عباسي کي منشيات جي خاتمي واري عدالت عمر قيد جي سزا  ٻڌائي هئي،  اميدوار کي سزا ملڻ بعد چونڊ ملتوي نه ٿي سگهي، استدعا آهي ته نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد اين اي 60 راولپنڊي تي چونڊ ملتوي ڪرڻ بابت اليڪشن ڪميشن واري نوٽفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي ۾ چيلنج ڪري ڇڏيو آهي،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندس مخالف اميدوار حنيف عباسي کي منشيات جي خاتمي واري عدالت عمر قيد جي سزا ٻڏائي هئي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي آهي،

درخواست ۾ چيو ويو  آهي ته ڪنهن به اميدوار کي مليل سزا ووٽر ڇو ڀوڳي؟ اميدوار کي سزا ملڻ بعد چونڊ ملتوي نه ٿي سگهي،

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت کي استدعا آهي ته اليڪشن ڪميشن  جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏئي ووٽنگ جو حڪم ڏنو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*