وزيراعظم نواز شريف اڄ پشاور جي دوري تي پهچي رهيو آهي

وزيراعظم نواز شريف اڄ پشاور جي دوري تي پهچي رهيو آهي، پارٽي جي ورڪرز ڪنويشن ۾ شرڪت ڪندو، جڏهن ته امن امان جي صورتحال بابت اجلاس به ٿيڻ جوامڪان آهي.

وزيراعظم نواز شريف اڄ هڪ ڏينهن جي اهم دوري تي پشاور پهچي رهيو آهي، گورنر هائوس پشاور ۾  مسلم ليگ نون جي ورڪر ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪندو.

وزيراعظم نواز شريف سان خيبرپختونخواهه سان واسطو رکندڙ مسلم ليگ ن جا اڳواڻ پڻ ملاقات ڪندا، جنهن دوران وزيراعظم کي مڪاني چونڊن جي تيارين سميت اهم هدايتون پڻ جاري ڪندو.

ذريعن موجب، دوري دوران امن امن بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس پڻ ٿيندو، جنهن ۾ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصل ٿيلن تي عملدرآمد سميت مختلف معاملن تي ويچاريو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*