اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ چونڊ مهم ختم ٿي ويندي، اليڪشن ڪميشن  چيو آهي ته رات 12 وڳي کان پوءِ جلسن

اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ چونڊ مهم ختم ٿي ويندي، اليڪشن ڪميشن  چيو آهي ته رات 12 وڳي کان پوءِ جلسن، ڪارنر گڏجاڻين ۽ ريلين تي پابندي هوندي،  اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شق 182 تحت سياسي پارٽيون ۽اميدوار پولنگ ڏينهن کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ مهم ختم ڪرڻ جا پابند آهن.

اليڪشن ايڪٽ 2017 موجب سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم اڄ رات 12 هين وڳي ختم ٿي رهي آهي،

ملڪ جي نون عوامي نمائندن جي چونڊ 25 جولاءِ تي ٿيندي، جڏهن ته قانون موجب سياسي پارٽين ۽ آزاد اميدوارن وٽ چونڊ جلسن جو اڄ آخري ڏينهن آهي،

سياسي ميدان ۾ لهندڙن کي اڄ رات 12 وڳي پنهنجي چونڊ مهم کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻو پوندو.

اليڪشن ڪميشن چونڊ مهم جي حوالي سان سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ميڊيا لاءِ هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي.

 اليڪشن ڪميشن موجب اليڪشن ايڪٽ 2017 جي شق 182 تحت سياسي پارٽيون ۽اميدوار پولنگ ڏينهن کان 48 ڪلاڪ اڳ چونڊ مهم ختم ڪرڻ جا پابند آهن، 23 ۽ 24 هين جولاءِ جي وچ واري رات چونڊ مهم ختم ڪئي وڃي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*