مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيل ۾ سهولتن کان محروم رکڻ سبب نواز شريف جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي

مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيل ۾ سهولتن کان محروم رکڻ سبب نواز شريف جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، نواز شريف کي دل ۾ تڪليف آهي، نواز شريف جو لنڊن ۾ به علاج ٿي چڪو آهي،

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي جيل ۾ طبيعت خراب هئڻ تي پاڪستاني قوم کي سخت ڳڻتي آهي.

هن چيو ته جيل انتظاميه نواز شريف کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي جنهن سبب سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٿي آهي.

ترجمان چيو ته شهباز شريف نگران وزيراعظم ۽ وڏي وزير کي خط کي خط به لکيو هو جنهن ۾ نواز شريف کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو نواز شريف کي دل ۾ تڪليف آهي، نواز شريف جو لنڊن ۾ به علاج ٿي چڪو آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*