اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري ڪارن جي چوري ۽ ڦر ۾ ملوث گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

اينٽي ڪار لفٽنگ سيل ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري ڪارن جي چوري ۽ ڦر ۾ ملوث گروهه جي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايس ايس پي اسد رضا موجب، اينٽي ڪار لفٽنگ سيل پوليس ڪارروائي ڪري ڪارن جي چوري ۽ ڦرن ۾ ملوث گروهه جي ٽن جوابدارن سرفرا احسان ۽ مبارڪ علي کي گرفتار ڪري 6 گاڏيون هٿ ڪيون، جڏهن ته گروهه جو هڪ جوابدار خير محمد فرار آهي.

اسد رضا موجب حب ريور روڊ تي هڪ ٻي ڪارروائي دوران ڦر ڪيل هاءِ روف هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*