پيپلزپارٽي طرفان اڄ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي

پيپلزپارٽي طرفان اڄ شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ سياسي قوت جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ جلسن کي خطاب ڪندو، پارٽي طرفان تياريون مڪمل ۽سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن

جيڪب آباد ۾پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شام جو 5 وڳي ڊي سي چوڪ  وٽان ريلي جي قيادت ڪندو، قائد اعظم روڊ کان ٿيندو شهيد  الهبخش سومرو پارڪ پهچندو، جتي جلسي کي خطاب ڪندو.

جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن، 15 سئو پوليس اهلڪار ۽ هڪ سئو رينجرس اهلڪار جلسي جي سڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن.

 بلاول ڀٽو جيڪب آباد کانپوءِ شڪارپور ضلعي جي حدن ۾ داخل  ٿيندو، جتي سلطان ڪوٽ وٽ مختصر خطاب ڪندو.

پ پ پ چيئرمين ٽرڪ اڏي واري روڊ سان شڪارپور شھر ۾ داخل ٿيندو، جماڻي حال چوڪ ۽ لکيدر تي ريلي کي خطاب ڪندو.

 بلاول ڀٽو شهر جي سرڪيول روڊ  کان ٿيندو،ڳڙھي ياسين روانو ٿي ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*