پنجاب جي شهر پاڪ پتن ۾ اڻڄاتل جوابدارن ڪريانه اسٽور جي مالڪ کي قتل ڪرڻ بعد ساڙي ڇڏيو

پنجاب جي شهر پاڪ پتن ۾ اڻڄاتل جوابدارن ڪريانه اسٽور جي مالڪ کي قتل ڪرڻ بعد ساڙي ڇڏيو.

جنجهور والا پاڙي ۾ اڻڄاتل جوابدارن اسٽور مالڪ کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد سندس لاش تي پيٽرول هاري ساڙي ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪريانه اسٽور جو مالڪ گهر جي ٻاهران ستل هو ته اڻڄاتل ماڻهن کيس قتل ڪرڻ بعد باهه ڏني.

پوليس موجب، واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*