اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊ مهم دوران اليڪشن ڪميشن پاران ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊ مهم دوران اليڪشن ڪميشن پاران ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي، جنهن بعد اليڪشن ڪميشن طرفان عمران خان کي جاري ڪيل نوٽيس بحال ٿي ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان کي چونڊ دوران لاهور، ساهيوال، لوڌران ۾ جلسا ڪرڻ تي نوٽيس موڪليو هو.

عمران خان نوٽيس خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطوڪيو. جنهن تي 26 اپريل 2018ع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو،

هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جسٽس عامر فاروق فيصلو لکيو.

اڄ ٻڌڻي دوران عمران خان طرفان بابر اعواڻ جو جونيئر وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو.

عدالت اليڪشن ڪميشن جي نوٽيفڪيشن خلاف عمران خان جي درخواست خارج ڪري ڇڏي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*