سپريم ڪورٽ اسپتالن جي گندڪچري کي کڻڻ لاءِ 13 پلانٽس لڳائڻ وارو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي

سپريم ڪورٽ اسپتالن جي گندڪچري کي کڻڻ لاءِ 13 پلانٽس لڳائڻ وارو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي رپورٽ طلب ڪري ورتي،  چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اسپتالون ۽ سالڊ ويسٽ جو پاڻي بيماريون پکڙجڻ سبب بڻجي رهي آهي، جن واعدا ڪيا هئا، انهن کي پورا ڪرڻا پوندا،

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ اسپتالن جي گندڪچري ۽ واٽر ٽريٽمنٽ پلانٽ نه لڳائڻ بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت اسپتالن جي گندڪچري کي کڻڻ لاءِ 13 پلانٽس لڳائڻ وارو عمل جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

عدالت پلانٽس لڳائڻ بابت ماهوار ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾  ڪروڙ گيلن واٽر ٽريٽمنٽ پلانٽ نصب ڪرڻ سان پاڻي صاف ٿيڻ شروع ٿيو آهي، اسپتالن ۽ سالڊ ويسٽ جو پاڻي بيماريون پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي،

چيف جسٽس چيو ته جن ماڻهن واعدا ڪيا هئا، انهن کي اهي پورا ڪرڻا پوندا، هي وقت چونڊن جو آهي، جنهن سبب هن معاملي کي  چونڊن کانپوءِ ڏسنداسين……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*