ڪراچي ۾ پي ايس 93 تي چونڊ ۾ ڊيوٽي لاءِ پنهنجي جاءِ تي ٻي شخص کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي موڪليندڙ جوابدار پريزائيڊنگ آفيسر کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ پي ايس 93 تي چونڊ ۾ ڊيوٽي لاءِ پنهنجي جاءِ تي ٻي شخص کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي موڪليندڙ جوابدار پريزائيڊنگ آفيسر کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

سٽي ڪورٽ ٿاڻي جي پوليس پاران پي ايس 93 تي اليڪشن ڊيوٽي لاءِ مقرر پريزائيڊنگ آفيسر وحيد الله کي ڪراچي جي سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل ميجسٽريٽ وٽ پيش ڪيو ويو.

پوليس، عدالت کي آگاهي ڏني ته گرفتار جوابدار وحيد الله، ڊي ايم سي ۾ 16هين گريڊ جو آفيسر آهي جنهن پنهنجي جاءِ تي ڊيوٽي لاءِ زبير نالي شخص کي پريزائيڊنگ آفيسر بڻائي رٽرننگ آفيسر وٽ موڪليو هو.

پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته رٽرننگ آفيسر جي حڪم تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ڊيوٽي لاءِ پريزائيڊنگ آفيسر بڻجي ايندڙ جوابدار فرار ٿي ويو آهي.

پوليس موجب آر او وٽ موجود ڊي ايم سي جي هڪ رٽائرڊ آفيسر، رٽرننگ آفيسر طور پيش ٿيل جوابدار زبير لاڳاپيل شخص نه هئڻ جي نشاندهي ڪئي، جيڪو موقعي تان فرار ٿي ويو.

رٽرننگ آفيسر، نوٽيس وٺندي ٻنهي جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*