لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف شيخ رشيد جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، شيخ رشيد درخواست ۾ موقف اختيار  ڪيو آهي ته چونڊن کان ٻه ڏينهن اڳ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو ڪو به جواز نه ٿو ٺهي، ڪنهن هڪ اميدوار کي سزا ملڻ سبب چونڊون ملتوي نٿيون ٿي سگهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ ۾ شيخ رشيد اليڪشن ڪميشن پاران اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ واري فيصلي خلاف درخواست داخل ڪرائي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سندس مخالف اميدوار حنيف عباسي کي منشيات جي خاتمي واري عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، اميدوار کي سزا ملڻ بعد چونڊ ملتوي نه ٿي سگهي.

شيخ رشيد عدالت کي استدعا  ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي  اين اي 60 تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن کي  ڪالعدم قرار ڏئي چونڊون   شيڊول موجب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي.

عدالت شيخ رشيد جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*