پمز اسپتال جي ڊاڪٽرز تي ٻڌل 4 رُڪني ميڊيڪل بورڊ پاران اڊيالا جيل ۾ نواز شريف جو طبي معائنو

پمز اسپتال جي ڊاڪٽرز تي ٻڌل 4 رُڪني ميڊيڪل بورڊ پاران اڊيالا جيل ۾ نواز شريف جو طبي معائنو، نواز شريف جَي رات دير سان ٿيل طبي معائني جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جسم ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب نواز شريف جا گردا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، گرمي ۽ اوجاڳن به نواز شريف جي صحت کي متاثر ڪيو آهي،

پمز اسپتال اسلام آباد جي ماهرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو آهي.

 ميڊيڪل بورڊ ۾ پمز اسپتال  جي ڪارڊيالوجسٽ ڊاڪٽر نعيم ملڪ ۽ ميڊيڪل اسپيشلسٽ ڊاڪٽر شجيع سميت ڊاڪٽر سهيل تنوير ۽ گيسٽرولجسٽ ڊاڪٽر مشهود شامل آهن.

ميڊيڪل بورڊ کي جيل ڪالوني گيٽ مان اندر موڪليو ويو جڏهن ته ان کان اڳ نواز شريف کي سندس سيل مان جيل اسپتال منتقل ڪيو ويو.

نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ آءِ جي جيل لاهور کي موڪلي ويندي. ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ جي روشني ۾ نواز شريف کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

نواز شريف جَي رات دير سان ٿيل طبي معائني جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جسم ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب نواز شريف جا گردا خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، گرمي ۽ اوجاڳن به نواز شريف جي صحت کي متاثر ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*