عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اميدوار کي سزا ملڻ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو ڪوبه طريقو نه آهي

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته اميدوار کي سزا ملڻ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو ڪوبه طريقو نه آهي، اين اي 60 تي چونڊون ڪرڻ مناسب ناهي، فوري طور فيصلو واپس وٺي چونڊون ڪرايون وڃن.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اميدوار کي سزا ملڻ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ جو ڪوبه طريقو نه آهي،

هن چيو ته جيڪڏهن ائين آهي ته نواز شريف، مريم نواز ۽ رٽائرڊ ڪيپٽن صفدر جي تڪن تي چونڊون ڇو ملتوي نه ڪيون ويون؟

شيخ رشيد چيو ته چيف جسٽس معاملي جو نوٽيس وٺي، اسان فُٽ بال جيان عدالتن جا چڪر لڳائي رهيا آهيون،

شيخ رشيد چيو ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سبب اسان جي چونڊ مهم به رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*