قاف ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته 25 جولاءِ تي تلا گنگ جو غيرتمند عوام پاڪ فوج خلاف ن ليگ جي ڀارتي بياني کي رد ڪري ڇڏيندو

قاف ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته 25 جولاءِ تي تلا گنگ جو غيرتمند عوام پاڪ فوج خلاف ن ليگ جي ڀارتي بياني کي رد ڪري ڇڏيندو، ملڪي آئين تحت اليڪشن ڪميشن  جي هدايت تي فوج اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جي پابند آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي قاف ليگ اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو ته 25 جولاءِ تي تلا گنگ جو غيرتمند عوام پاڪ فوج خلاف ن ليگ جي ڀارتي بياني کي رد ڪري ڇڏيندو،

هن چيو ته چونڊن دوران نوازشريف کي ووٽ ڏيڻ نريندر مودي کي  ووٽ ڏيڻ برابر آهي، تلا گنگ جو غيرتمند ووٽر اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو،

قاف ليگ اڳواڻ چيو ته فوج پنهنجي مرضي سان نه پر  اليڪشن ڪميشن جي چوڻ تي چونڊ عمل جي نگراني ڪري رهي آهي،

پرويز الاهي چيو ته ملڪي آئين تحت اليڪشن ڪميشن  جي هدايت تي فوج اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ جي پابند آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*