سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي 6 ڏينهن لاءِ حفاطتي ضمانت منطور ڪندي کيس  20لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جوحڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فريال ٽالپر جي 6 ڏينهن لاءِ حفاطتي ضمانت منطور ڪندي کيس  20لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جوحڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر جي 20 لک رپين جي مچلڪن عيوض 6 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي.

فريال ٽالپر طرفان وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ عدالت ۾ پيش ٿي 10 ڏينهن جي حفاطتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي، عدالت 6 ڏينهن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظورڪري ڇڏي.

 مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي پيپلز پارٽي اڳواڻ فريال ٽالپر کي روپوش قرار ڏنو هو.

ان موقعي تي فريال ٽالپر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس ڪوڙو آهي، ڊي جي ايف آءِ اي جو ڀاءُ جي ڊي اي جو اميدوار آهي، ان ڪري انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*