سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير علي ظفر چيو آهي ته نيب جي قانون ۾ خاميون موجود اهن

سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير علي ظفر چيو آهي ته نيب جي قانون ۾ خاميون موجود اهن، جن کي ختم ڪري مضبوط ۽ بهتر بڻائي سهجي ٿو. سي پيڪ ايندڙ حڪومت لاءِ  وڏو سونهري موقعو آهي، جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري پاڪستان کي چئلنجن مان ڪڍي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي ٿو.

لاهور ۾ هيومن رائيٽس جي تقريب کي خطاب ڪندي سيد علي ظر چيو آهي ته سي پيڪ ايندڙ حڪومت لاءِ  وڏو سونهري موقعو آهي، جنهن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪري پاڪستان کي چئلنجن مان ڪڍي ترقي جي رستي تي آڻي سگهجي ٿو،

هن چيو ته نيب جي قانون ۾ خامويون موجود آهن، جن کي ختم ڪري وڌيڪ مضبوط ڪري سگهجي ٿو.

نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ چونڊ مهم ختم ٿي ويند،ي جنهن بعد ووٽرن جو فيصلو ٿيندو، اهي پنهنجي حقيقي نمائندن  جي چونڊ ڪن،

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي فرضن ۾ صاف ۽ شفاف چونڊ ڪرائڻ آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي جي حمايت نه ٿا ڪيون، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته چونڊن سان گڏ پنهنجي ڪردار کي به نيوٽرل رکيو وڃي ته جيئن ڪو به آڱر نه کڻي سگهي.

علي ظفر چيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن مسوري دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور آهي،

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن فوج کان مدد طلب ڪئي ، ڇاڪاڻ ته گهڻا ئي رياست مخالف عنصر آهن، جيڪي پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ دير ڪرائڻ چاهين ٿا،

علي ظفر چيو ته 25 جولاءِ تي عام چونڊون يقيني بڻائي نگرن حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪندي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*