چيف سيڪريٽري سنڌ، عام چونڊن جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي اليڪشن ضابطن تي عمل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي

چيف سيڪريٽري سنڌ، عام چونڊن جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي اليڪشن ضابطن تي عمل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

چيف سيڪريٽري مئيجر رٽائرڊ اعظم سليمان خان جي صدارت هيٺ عام چونڊن جي حوالي سان انتظامن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون لڳائڻ، سڪيورٽي، عالمي مبصرن ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر، سمورن ڊويزنل ڪمشنرز ۽ سڪيورٽي ادارن پاران انتظامن بابت بريفنگ به ڏني وئي.

چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته شفاف ۽ پرامن چونڊون ڪرائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي، جنهن لاءِ سمورن سڪيورٽي ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار کي يقيني بڻايو وڃي.

اعظم خان هدايت ڪئي ته عالمي ۽ قومي مبصر ۽ ميڊيا جا نمائندا به اليڪشن ڪميشن جي ضابطن تي عمل کي يقيني بڻائين.

چيف سيڪريٽري سمورن ڪمشنرز ۽ ڊي آءِ جيز کي سڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*