ملڪي سلامتي ۽ دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي، ايئر چيف مارشل سهيل امان

چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو آهي ته ملڪي سلامتي ۽ دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ انتهاپسندن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملي ويندا، جڏهن ته ڪو به اسان جي آزادي ڏانهن ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.

پي اي ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ جي ڊي پائليٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو ته پاڪستان سدائين امن واري پاليسي تي عمل ڪيو آهي ۽ ملڪي دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي.

هن چيو ته آپريشن ضرب عضب ۾ هوائي فوج جي مثالي ڪردار کي نه ٿو  وساري سگهجي.

ايئر چيف مارشل چيو ته ملڪي سلامتي محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ ڪو به ان کي ميري اک سان ڏسي نه ٿو سگهي.

هن چيو ته ڪيڊٽس قومي سرمايو آهن ۽ انهن کي بهترين صلاحيتون ملڪي ترقي، خوشحالي ۽ مضبوط دفاع تي خرچ ڪرڻ گهرجن.

هن پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ڪيڊٽس کي مبارڪون ڏنيون.

خطاب کان اڳ چيف آف ايئر اسٽاف بهترين ڪيڊٽس ۾ اعزاز ورهايا، بهترين ڪيڊٽس ۾ احسن جاويد، ڪاشف حيات ۽ ٻيا شامل هئا، جن کي اعليٰ اعزازن سان نوازيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*