ڪراچي جي صنعتڪارن، آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي کي پوليس رفارمز آڻڻ ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي

ڪراچي جي صنعتڪارن، آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي کي پوليس رفارمز آڻڻ ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ جاويد امجد سليمي ڪراچي جي ڪورنگي ٽريڊ انڊسٽري ايسوسيئشن جو دورو ڪيو، جنهن دوران صنعتڪارن، کيس پوليس رفارمز لاءِ زور ڀريو ۽ زمينن تي قبضن خلاف شڪايتون ڪيون.

ٽريڊ انڊسٽري ايسوسيئشن پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي جاويد امجد سليمي چيو ته ڪراچي ۾ هاڻي هن وقت ڪو به نوگو ايريا ناهي.

آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ جديد فورنزڪ ليب قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ڊي اين اي جي سڃاڻپ جي سهولت به هوندي.

جاويد امجد سليمي چيو ته ڏوهن جي شرح ۾ واڌ ڇو پئي ٿئي، ان جو به ازالو ٿيڻ ضروري آهي، اغوا براءِ تاوان ۽ ڀتيخوري جو ڪراچي ۾ ڪنهن به قسم جو مستقل ناهي.

آءِ جي سنڌ انموقعي تي صنعتڪارن کي انتهائي خراب حالتن ۾ به ڪاروبار هلائڻ تي ڀيٽا پيش ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*