پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي دوران پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران 5 ليگي ڪارڪن زخمي ٿي پيا

پنجاب جي علائقي سيالڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي دوران پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران 5 ليگي ڪارڪن زخمي ٿي پيا. پوليس موجب، واقعو حاجي پورا علائقي ۾ پيش آيو، جتي پي ٽي آءِ طرفان ريلي ڪڍي پئي وئي.

سيالڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ريلي دوران پي ٽي آءِ ۽ مسلم ليگ ن جا ڪارڪن آمهون سامهون اچي ويا ۽ هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ن ليگ جي اليڪشن آفس تي حملو ڪيو ۽ آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ليگي ڪارڪنن زخمي ٿي پيا. جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب، واقعو حاجي پوره جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان ريلي ڪڍي وئي.

مسلم ليگ طرفان حاجي پورا ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن بعد پوليس معاملي جي جاچ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*