پشاور ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا

پشاور ۾ ٻارڙن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، پوليس موجب مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا.

پشاور جي ميره سوڙيزئي واري علائقي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.

پوليس موجب جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب جهڙي دوران هڪ ڌر جو قادر خان، شرافت، عنايت، جاويد، بخت الله، روح الله   مارجي ويا، جڏهن ته ٻي ڌر جو نور الله مارجي ويا،

پوليس موجب مارجي ويلن ۾ هڪ ئي خاندان جا 6 ماڻهو به شامل آهن.

جهيڙي دوران مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*