سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي مقرري خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جي مقرري خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ لاهور رجسٽري جي 3 رڪني بينچ گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوه جي مقرري خلاف پ پ جي تاج حيدر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته گورنر اسٽيٽ بينڪ جي مقرري آئين جي ابتڙ آهي، جڏهن ته کيس غير قانوني طور مراعتون به ڏنيون پيون وڃن.

تاج حيدر عدالت کان استدعا ڪئي ته گورنر اسٽيٽ بينڪ جي مقرري ڪالعدم قرار ڏئي آئين ۽ قانون موجب نئون گورنر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*