اين اي 60 تي ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي نااهلي سبب ملتوي ٿيل چونڊ خلاف شيخ رشيد جي درخواست سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي

اين اي 60 تي ن ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي نااهلي سبب ملتوي ٿيل چونڊ خلاف شيخ رشيد جي درخواست سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، شيخ رشيد راولپنڊي  جي عدالت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي

مسلم ليگ ن اڳواڻ حنيب عباسي کي منشيات جي خاتمي واري عدالت پاران عمر قيد جي سزا ڏيڻ بعد اين اي 60 راولپنڊي  تي چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ شيخ رشيد رشيد پاران داخل ڪرايل درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي، شيخ رشيد راولپنڊي  جي عدالت جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو آهي

ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته اسان درخواست ڏني هئي ته ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد ۾ ٻڌي وڃي پر اسان جو ڪيس جي لاهور ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي، اسان کي هاڻ ٻڌايو ويو آهي ته ڪيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ ٿيندي.

شيخ رشيد چيو ته پولنگ ايجنٽ تڪ ۾ پنهنجيون تياريون جاري رکندا………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*