ڪنڌڪوٽ ويجهو بجلي جي تار ڪرڻ سبب ڪاٺ جي ڊپو کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ لکين رپين جو ڪاٺ سڙي رک ٿي ويوآهي

ڪنڌڪوٽ ويجهو بجلي جي تار ڪرڻ سبب ڪاٺ جي ڊپو کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ لکين رپين جو ڪاٺ سڙي رک ٿي ويوآهي.

مٺا چوڪ واري علائقي ۾ 11 هزار وولٽ جي بجلي تار ٽٽڻ سبب کاٺين جي ڊپو کي باهه وڪوڙي وئي.

فائر بريگيڊ گاڏي دير سان پهچڻ سبب گدام ۾ رکيل ڪاٺيون ۽ مشينري سڙي رک ٿي وئي، نقصان جو ڪاٿو لکين رپيا لڳايو ويو آهي.

ڊيپو جي مالڪ پنهل چاچڙ،نواب جتوئي، رستم چاچڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته واپڊا عملي  کي ڪيترائي ڀيرا تارون ڪمزور هجڻ بابت آگاهه ڪري چڪا آهيون، پر ڪمزور ٿي ويل تارون تبديل نه ڪرڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ذميوار واپڊا عملي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*