اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ 4 هزار 8 سئو 88 پولنگ اسٽيشننز قائم ڪيون ويون آهن

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪراچي جي سڀني ضلعن ۾ 4 هزار 8 سئو 88 پولنگ اسٽيشننز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 11 سئو 81 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 27 سئو 16 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ايسٽ ۾ 673 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 254 انتهائي حساس ۽ 266 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪورنگي ضلعي ۾ 778 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون اهن، جن مان 262  انتهائي حساس ۽ 363 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ويسٽ ضلعي ۾ هڪ هزار هڪ پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 215 انتهائي حساس ۽ 745 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ 159 پولگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 65 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 94 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪراچي سينٽرل ضلعي ۾ 11 سئو 29 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 223 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 747 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ملير ضلعي ۾ 673 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 24 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 138 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*