ڪراچي ۾ هر پولنگ اسٽيشنز تي پاڪ فوج جا چار ۽ رينجرز جا 2 جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ڪراچي ۾ هر پولنگ اسٽيشنز تي پاڪ فوج جا چار ۽ رينجرز جا 2 جوان مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس پولنگ اسٽيشنز تي سڪيورٽي بابت فارمولو طئي ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٽن ڪيٽيگري ۾ پولنگ اسٽيشنز تي خدمتون سرانجام ڏيندا.

ذريعن موجب ڪراچي ۾ 21 ڪرنل، 42 ميجرز ۽ ڪيپٽن سميت پاڪ فوج جا 19 هزار 552 جوان پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيا ويندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي پولنگي اسٽيشنز ۾ رينجرز جا 9 هزار 776 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

ذريعن موجب شهر جي هڪ هزار 181 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي پوليس جا 9 هزار 448  آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.

ذريعن موجب 2 هزار 716 حساس پولنگ اسٽيشنز لاءِ 10 هزار 864 آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

ذرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي نارمل 991 پولنگ اسٽيشنز تي هڪ هزار 982  پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.

ذريعن موجب سڪيورٽي جي حوالي سان طئي ڪيو ويو ته پاڪ فوج جا جوان پولنگ اندر ۽ رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار پولنگ اسٽيشنز ٻاهران ڊيوٽيون سرانجام ڏيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*