شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 7 قومي ۽ 14 صوبائي تڪن تي سڀاڻي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پهچايو پيو وڃي

شهيد بينظير آباد ڊويزن جي 7 قومي ۽ 14 صوبائي تڪن تي سڀاڻي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ بيلٽ پيپرز ۽ ٻيو سامان پهچايو پيو وڃي، جڏهن ته  انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن.

نوابشاهه ضلعي جي سمورين پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ باڪس،بيلٽ پيپرز، پيڊ، ميگنيٽ مس ۽ ٻيو سامان پهچايو پيو وڃي، جڏهن ته پولنگ عملي کي پولنگ اسٽيشن تائين پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ ڏني وئي آهي.

ضلعي جي  انتهائي حساس پولنگ اسٽيشننز تي 4 آرمي جا جوان ۽ 4 پوليس اهلڪار، حساس پولنگ اسٽيشن تي 4 آرمي جا جوان ۽ 3 پوليس اهلڪار ڊيوٽي ڏيندا، جڏهن ته نارمل پولنگ اسٽيشنن مان هر هڪ پولنگ اسٽيشنن تي 3 آرمي جا جوان ۽ 2 پوليس اهلڪار ڊيوٽي سر انجام ڏيندا.

نوشهروفيروز  جي ٻن قومي ۽ چئن صوبائي تڪن تي ٽوٽل 681 پولنگ اسٽيشنز مان 288حساس، 69 انتهائي حساس ۽ 224 نارمل پولنگ اسٽيشنز تي بيلٽ پيپرز پهچايو پيو وڃي.

سانگهڙ ضلعي جي ٽن قومي ۽ 6 صوبائي تڪن تي 801 پولنگ اسٽيشنز مان 477 انتهائي حساس قرار ڏنيون ويون آهن، جتي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳايون ويون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*