مدئجي ۾نافرمان پٽ پنهنجي پيرسن ماءُ کي مبينا تشدد جونشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو

مدئجي ۾نافرمان پٽ پنهنجي پيرسن ماءُ کي مبينا تشدد جونشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو، پيرسن عورت جو چوڻ آهي ته نافرمان پٽ ٻي شادي ڪرڻ بعد زال جي چوڻ تي تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي.

گرلس هاءِ اسڪول محلي واسڻ پيرسن  امراهه خاتون عباسي کي نافرمان پٽ امتياز عباسي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو۽ بعد ۾ گهران ڪڍي ڇڏيو.

پيرسن عورت امرا خاتون ننهن سان گڏجي ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي ٻڌايو ته نافرمان پٽ ٻي شادي ڪرڻ بعد زال جي چوڻ تي تشدد جو نشانو بڻائي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ممتاز ۽ سندس گهرواري گلجان عباسي کي پڻ گهران ڪڍي ڇڏيوآهي.

هن چيوته پٽ امتياز عباسي سندس سموري ملڪيت تي به قبضو ڪري ورتو  آهي.

هن چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*