لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي ذڪي الرحمان جي نظربندي بابت فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ، پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي بابت پنجن ڏينهن اندر فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ وفاق ۽ پنجاب حڪومت خلاف ممبئي حملا ڪيس جي مبينا مک جوابدار  ذڪي الرحمان لکوي جي توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ذڪي الرحمان لکوي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سندس اصيل جي نظربندي ختم ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري چڪي آهي پر عدالتي حڪم جي ٻي ڏينهن ذڪي الرحمان لکوي کي ٻي ڏينهن نظربند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو.

ذڪي الرحمان لکوي جي وڪيل اهو به موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي نظربندي ختم ڪرڻ جي درخواست به ڪئي آهي، جنهن تي فيصلو جاري ناهي ڪيو ويو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ ٻي ڏينهن نظربندي جو حڪم ڏيڻ قانون جي خلاف آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ، ذڪي الرحمان لکوي جي درخواست اڪلائيندي حڪم ڏنو ته پنجاب جو گهرو سيڪريٽري ذڪي الرحمان لکوي جي نظربندي بابت 5 ڏينهن اندر فيصلو ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*