يونان جي گادي واري هنڌ ايٿنز ڀرسان ٻيلي کي لڳل خطرناڪ باهه رهائشي آبادين کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو

يونان جي گادي واري هنڌ ايٿنز ڀرسان ٻيلي کي لڳل خطرناڪ باهه رهائشي آبادين کي به لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي ۽ ڪيترائي لاپته ٿي ويا آهن.

 پرڏيهي ميڊيا اداري موجب باهه ايٿنز جي ڀرپاسي لڳ ڀڳ 50 ڪلوميٽرن تائين پکڙجي چڪي آهي، جنهن سان هن وقت تائين  هڪ سئو گهر ۽ 200 کان وڌيڪ ڪارون سڙي ويون.

 سڀ کان وڌيڪ نقصان رفينا شهر ۾ ٿيو جتي 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

 300 فائر فائيٽرز، 5 جهاز ۽ 2 هيلي ڪاپٽرز باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن.

 هوڏانهن يوناني فائر بريگيڊ جي ترجمان موجب باهه وڏي ايراضي تي ڦهليل هئڻ ڪري يورپي ملڪن کي مدد جي اپيل ڪئي وئي آهي.

 ٻئي طرف مقامي آبادي جو محفوظ ماڳن ڏانهن لڏپلاڻ جو سلسلو جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*