اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت ٻيهر خراب ٿي وئي

اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت ٻيهر خراب ٿي وئي، پمز اسپتال جي 4 ڊاڪٽرز تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ نواز شريف جو طبي معائنو ڪندي سفارش ڪئي ته نواز شريف جي مسلسل طبي نگراني ضروري آهي.

پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل 4 رڪني ميڊيڪل بورڊ اڊيالا جيل پهچي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو.

ميڊيڪل بورڊ موجب، نواز شريف جي دل جو چڪاس ۽ رت جا نمونا وٺي لاهور ليبارٽري اماڻي ڇڏيا، جڏهن ته نواز شريف کي سندس صحت بابت تفصيلي طور تي آگاهه به ڪيو ويو.

ميڊيڪل بورڊ سفارش ڪئي ته اڊيالا جيل ۾ قيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي مستقل طبي نگراني جي سخت ضرورت آهي، تنهنڪري جيل ۾ مقرر ڊاڪٽر نواز شريف جي صحت جو خاص خيال رکن ۽ ميڊيڪل بورڊ سان مسلسل رابطي ۾ رهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*