اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بيلٽ پيپرز تي حنيف عباسي جو نالو ڇپيل آهي، وقت گهٽ هئڻ سبب نوان بيلٽ پيپرز نٿا ڇپرائي سگهجن، تنهنڪري چونڊ ملتوي ئي رهندي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي نااهلي سبب اين اي 60 راولپنڊي تي چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف پاڪستان پيپلز پارٽي جي درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بيلٽ پيپرز تي نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جو نالو ۽ چونڊ نشان ڇپيل آهي، وقت گهٽ هئڻ سبب نون بيلٽ پيپرز جي ڇپائي ممڪن نه آهي، تنهنڪري چونڊ ملتوي ئي رهندي.

پيپلز پارٽي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته رڳو هڪ اميدوار جي نااهلي سان تڪ تي چونڊ ملتوي ڪرڻ مناسب نه آهي، عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي.

عدالت پيپلز پارٽي جي درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

واضح رهي ته راولپنڊي جي منشيات جي خاتمي واري عدالت ايفي ڊرين ڪوٽا ڪيس ۾ نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اين اي 60 تي چونڊ ملتوي ڪري ڇڏي هئي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*