پنجاب جي چيف سيڪريٽري اڪبر دراني ۽ آءِ جي سيد ڪليم امام ملتان جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري تفصيل ورتا آهن

پنجاب جي چيف سيڪريٽري اڪبر دراني ۽ آءِ جي سيد ڪليم امام ملتان جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري تفصيل ورتا آهن.

چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب ملتان پهتا، جنهن دوران کين چونڊ انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي.

سرڪٽ هائوس ملتان ۾ چونڊ انتظامن جي جائزي لاءِ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي پنجاب، چيف سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ڪمشنر نديم ارشاد ڪياني، آر پي او ابوبڪر خدا بخش چونڊ انتظامن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.

چيف سيڪريٽري عملدارن کي هدايت ڪئي ته چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ هر مثبت قدم کنيو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*