سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 6 ڊويزنز تي پولنگ جو عمل جاري آهي، ڪراچي ڊويزن ۾ مجموعي طور تي قومي اسيمبلي جي 21 جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 41 تڪن تي مختلف اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ 6 ڊويزنز تي پولنگ جو عمل جاري آهي، ڪراچي ڊويزن ۾ مجموعي طور تي قومي اسيمبلي جي 21 جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي 41 تڪن تي مختلف اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جي 4 سيٽن اين اي 253، 254، 255 ۽ 256 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 8 سيٽن پي ايس 123، 124، 125، 125، 126، 127، 128، 129 ۽ 130 پي ايس تي پولنگ ٿي رهي آهي.

ايسٽ ضلعي ۾ اين اي 242، 243، 244 ۽ 245 جڏهن ته صوبائي تڪن پي ايس 99، 100، 101، 102، 103، 104، 105 ۽ 106 پي ايس تي ووٽنگ جو عمل جاري آهي.

ڪراچي جي سائوٿ ضلعي ۾ اين اي 246 ۽ 247 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن پي ايس 107، 108، 109، 110 ۽ پي ايس 111 تي پولنگ ٿي رهي آهي.

ويسٽ ضلعي جي اين اي 248، 249، 250، 251، 252 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 112، 113، 114، 115، 116، 117، 118، 119، 120، 121 ۽ 122 تي ووٽنگ جو عمل جاري آهي.

ڪورنگي ضلعي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 239، 240، اين اي 241 ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن پي ايس 92، 93، 94، 95، 96، 97، 98 تي پولنگ جو عمل جاري آهي.

ملير ضلعي جي قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 236، 237 ۽ اين اي 238 ۽ صوبائي سيٽن پي ايس 88، 89، 90 ۽ 91 تي ووٽنگ جو عمل جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*