سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل جاري آهي، ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي 21 سيٽن ۽ صوبائي اسيمبلي جي 42 سيٽن تي پيپلزپارٽي

سڄي ملڪ ۾ چونڊن جو عمل جاري آهي، ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي 21 سيٽن ۽ صوبائي اسيمبلي جي 42 سيٽن تي پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف، مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم سميت مختلف پارٽين جا اميدوار ميدان تي لٿل آهن.

اين اي 253 سينٽرل ڪراچي تي پي ايس پي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اسامه قادري ۽ پيپلزپارٽي جي چوڌري جاويد اسحاق وچ ۾  مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اين اي 253 سينٽرل ڪراچي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد اشرف جبار قريشي ۽ الله اڪبر جي منعم ظفر خان وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

اين اي254 تي پي ايس پي ارشد عبدالله وهره ، ايم ڪيو ايم  اميدوار شيخ صلاح الدين ۽ پيپلزپارٽي اميدوار ليزا مهدي  ميدان تي لٿل آهن. جڏهن ته اين اي 254 تي پي ٽي آءِ اڳواڻ محمد اسلم خان ۽ الله اڪبر جي راشد نسيم وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

اين اي 255 تي  پي ايس پي اميدوار مصطفيٰ جملي راٺوڙ، ايم ڪيو ايم اميدوار خالد مقبول صديقي ۽ پيپلزپارٽي اميدوار ظفر احمد صديقي وچ ۾ مقابلو  ٿي رهيو آهي.

اين اي 255  سينٽرل ڪراچي تي محمد مستقيم قريشي، محمود باقي مولوي ۽ ارسلان خان ۾  مقابلو ٿي رهيو آهي.

 اين اي 242 اوڀر ڪراچي تي پي ايس پي اڳواڻ حسان صابر، ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ ڪشور زهره ۽ پيپلزپارٽي محمد اقبال وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

اين اي 242 اوڀر ڪراچي تي  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اميدوار بيدل مسرور ۽ پي ايم ايل اين جو  اميدوار شرافت خان  وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

اين اي 243 تي محمد مزمل قريشي، ايم ڪيو ايم سيد علي رضا عابدي ۽ پي ايس پي شهلا رضا  ميدال تي لٿل آهن.  جڏهن ته اين اي 243 اوڀرڪراچي تي الله اڪبر جو اميدوار محمد اساما، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ پي ايم ايل اين جي اميدوار شاهه جهان وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

اين اي 244 اوڀر ۾ پي ايس پي  اميدوار محمد سعيد شفيق، عبدالرئوف صديقي ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ميان وقار  اختر وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.  جڏهن ته  الله اڪبر جو اميدوار محمد زاهد سعيد، پي ٽي آءِ اميدوار سيد علي زيدي ۽ مفتاح اسماعيل ميدان تي لٿل آهن.

اين اي 245  اوڀر ڪراچي تي  پي ايس پي اميدوار ڊاڪٽر صغير احمد، ايم ڪيو ايم ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ پيپلزپارٽي اميداور فرخ نياز  تنولي وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي.

اين اي 245 تي سيف الدين ، عامر لياقت ۽ خواجا طارق وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پي ايس پي اميدوار تاجز محمد، ايم ڪيو ايم سيد مصدق شاهه ۽ پيپلزپارٽي اميداور شهاب الدين وچ ۾ مقابلو ٿي رهيو  آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*