حيدرآباد ڊويزن ۾ پولنگ عمل جاري آهي، جتي عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيو آهي

حيدرآباد ڊويزن ۾ پولنگ عمل جاري آهي، جتي عوام پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيو آهي، ڊويزن جي 4398 پولنگس اسٽيشنز مان 797 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 951 حساس قرار ڏنل آهن، انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنز تي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ سان گڏ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

حيدرآباد ڊويزن جي 4398 پولنگس اسٽيشنز مان 797 پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس ۽ 951 حساس قرار ڏنل آهن.

حيدرآباد ضلعي جي ڪل 850 پولنگ اسٽيشنز مان 95 پولنگ اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 114 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

ٺٽي ضلعي ۾ ٽوٽل 497 پولنگ اسٽيشنز مان 15 پولنگ اسٽيسنز انتهائي حساس ۽ 16 پولنگ اسٽيشنز حساس  آهن،جتي ووٽنگ جو عمل جاري آهي.

بدين ضلعي جي ڪل 651 پولنگ اسٽيشنز مان 197 پولنگس کي حساس ۽ 297  پولنگ اسٽيشنز انتهائي حساس آهن.

ڄامشوري ضلعي ۾ ٽوٽل 451 پولنگ اسٽيشنز مان 135 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 125 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ڪل 284 پولنگ اسٽيشنز مان 100 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 50 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آه،جتي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

دادو ضلعي ۾ ٽوٽل 658 پولنگ اسٽيشنز مان  200 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 142 پولنگ اسٽيشنز حساس آهن.

مٽياري ضلعي ۾ ٽوٽل 361 پولنگ اسٽيشنز آهن، جن مان 100پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 70 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.

سجاول ضلعي ۾ ڪل 327 پولنگ اسٽيشنز مان 15 اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 22 پولنگ اسٽيشنز کي حساس  قرار ڏنو ويو آهي.

ٽنڊو الهيار ضلعي ۾ ٽوٽل 319 پولنگ اسٽيشنز  آهن جن مان 25 پولنگ اسٽيشنز کي حساس ۽ 30 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي ووٽنگ جو عمل جاري آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*