لاڙڪاڻي جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ وارو عمل مقرر  وقت تي شروع نه ٿي سگهيو

لاڙڪاڻي جي مختلف پولنگ اسٽيشنز تي ووٽنگ وارو عمل مقرر  وقت تي شروع نه ٿي سگهيو.

لاڙڪاڻي شهر جي کهڙاڪامپليڪس واري پولنگ اسٽيشن جا در 9 وڳي تائين  بند پيل هئا ۽ پولنگ اسٽيشن ٻاهران ماڻهن جون قطارون لڳل هيون.

 ان لاءِ پولنگ اسٽيشن عملي جو چوڻ هو ته پولنگ ايجنٽ نه هئڻ سبب ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ دير ٿي.

محمد پور محلي جي پولنگ اسٽيشن تي عورتن جي ووٽنگ جو عمل ساڍي 8 وڳي کان پوءِ شروع ٿيو، جڏهن ته علائقي جو ٽرانسفارمر سڙيل هئڻ جي ڪري  10 پولنگ بوٿن جي بجلي بند هئڻ سبب سخت تڪليف جو منهن ڏسڻو پيو.

هوڏانهن بنگلديرو جي 5 پولنگ اسٽيشنز تي اسٽيمپ نه هئڻ سبب  ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ ۾ اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ دير ٿي وئي.

جڏهن ته موهن جو دڙو ۾ بجلي بند هئڻ سبب ووٽنگ جو عمل سخت متاثر ٿيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*