دادو ڀرسان چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا

دادو ڀرسان ٻير پٽڻ تان چانڊيا برادي جي ٻن ڌرين ۾هلندڙ پراڻي تڪرار ٻيهر ڪر کنيو آهي، هڪ ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري حاضري تي عدالت ويندڙ 4 ڳوٺاڻن کي قتل ۽ هڪ کي زخمي ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، ايس ايس پي چيو آهي ته قبيلائي جهيڙا ناسور بڻجي ويا آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

 مخدوم بلاول پوليس ٿاڻي جي حد ۾ تاڙ ۾ ويٺل هڪ ڌر جي  هٿياربندن حاضري تي عدالت ويندڙ چانڊيا برادري جي ماڻهن  تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور رياض لانگاهه، ٻڍل چانڊيو، علي بخش چانڊيو ۽  رياض چانڊيو  ٿڏي تي مارجي ويا ۽ هڪ ڄڻو حسين چانڊيو زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد مارجي ويلن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا.

چئن ڄڻن جي مارجڻ بعد ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ هيل تائين مارجي ويلن جو انگ وڌي 34 ٿي ويو آهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿيڻ سبب وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

ايس ايس پي دادو ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته قبيلائي جهيڙا ناسور بڻجي چڪا  آهن، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ڌرين هلندڙ تڪرار جو هڪ سال اڳ چانڊيا برادري جي چڱي مڙس سردار خان چانڊيو  جي سرپئنچي ۾ نبيرو ڪرايو ويو هو، اڄ هڪ ڌر جي ماڻهن حملو ڪري چئن ڄڻن کي قتل ڪيو، جنهن بعد  هيل تائين مارجي ويل ڳوٺاڻن جو انگ وڌي 34 ٿي  ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*