لاڙڪاڻي ۾پولنگ اسٽيشن ڀرسان ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪريڪ ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي

لاڙڪاڻي ۾پولنگ اسٽيشن ڀرسان ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ڪريڪ ڦاٽڻ سبب ٿيو آهي.

سرهيا پڌرا واري علائقي ۾ پولنگ اسٽيشن شاهه محمد هاءِ اسڪول ٻاهران اميدوارن جي ڪئمپن وٽ ڪريڪ جو زور دار ڌماڪو ڪيو ويو.

 ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي.

جڏهن ته ڌماڪي سبب اميدوارن جي ڪئمپن جون ڪرسيون ۽ ٻيو فرنيچر ۽ هڪ موٽرسائيڪل تباهه ٿي وئي.

اطلاع تي پوليس ۽ رينجرس وڏي تعداد ۾واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ شروع ڪري ڇڏيو.

ڌماڪي جو اطلاع ملڻ تي ڪمشنرلاڙڪاڻو، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو۽ٻيا پوليس ۽ رينجرس عملدار به موقعي تي پهچي ويا.

ان موقعي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد اڪبر رياض  جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو ڪريڪر جو آهي، هوڏانهن سنڌ جي نگران وڏي وزير ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*