ريجنل اليڪشن ڪمشنر اصغر سيال چيو آهي ته ڪراچي ۾ صبح جو 8 وڳي کان پولنگ عمل صاف شفاف طريقي سان جاري آهي

ريجنل اليڪشن ڪمشنر اصغر سيال چيو آهي ته ڪراچي ۾ صبح جو 8 وڳي کان پولنگ عمل صاف شفاف طريقي سان جاري آهي، اسان چئي ڇڏيو آهي ته جن وٽ اليڪشن ڪميشن جا پاس آهن، انهن کي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت آهي، هن وقت تائين ڪا خاص شڪايت نه ملي آهي، رڳو پولنگ ايجنٽن جون شڪايتون مليون آهن.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريجنل ڪمشنر سنڌ چيو  ته ڪراچي ۾ صبح 8 وڳي کان پولنگ عمل صاف شفاف نموني جاري آهي.

هن چيو ته هن وقت تائين ڪا خاص شڪايت نه ملي آهي، پولنگ ايجنٽس کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي به شڪايت نه ملي آهي. مون فوري طور وضاحت طلب ڪئي آهي.

 ترجمان چيو ته هر پولنگ اسٽيشن ۾ هڪ پولنگ ايجنٽس کي ويهڻ جي اجازت آهي، جڏهن ته سياسي جماعتن طرفان 2 پولنگ ايجنٽس کي ويهارڻ تي زور ڀريو پيو وڃي، پر اهو قانون ۾ ممڪن نه آهي.

ريجنل اليڪشن ڪمشنر جي ترجمان چيو ته ميڊيا کي ڪوريج کان روڪڻ بابت ڪي به اطلاع نه مليا آهن، اسان اڳ ئي واضح ڪري ڇڏيو هو، ته جن وٽ اليڪشن ڪميشن جا پاس هوندا انهن کي ڪوريج ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*