ڪوئيٽا جي علائقي اوڀر باءِ پاس ۾ پوليس وين ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او، 3 پوليس اهلڪارن سميت 31ڄڻا شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ڪوئيٽا جي علائقي اوڀر باءِ پاس ۾ پوليس وين ڀرسان آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او، 3 پوليس اهلڪارن سميت 31ڄڻا شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، واقعي کانپوءِ تعمير نو ڪاليج پولنگ اسٽيشن تي ووٽنگ عمل روڪيو ويو.

پوليس موجب، آپگهاتي بمبار تعمير نو ڪاليج پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش دوران پوليس وين کي ڏسندي ئي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو.

آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او، 3 پوليس اهلڪارن ۽ ٻن ٻارڙن سميت 31 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ڌماڪي کانپوءِ تعمير نو ڪاليج پولنگ اسٽيشن ۾ موجود ووٽرز ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جنهن سبب پولنگ روڪي وئي.

واقعي کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو، جڏهن ته شهيدن جا لاش ۽ زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو آپگهاتي هو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*