اليڪشن ڪميشن عمران خان، عمران خان، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن عمران خان، عمران خان، شهباز شريف ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ٽي وي چئنل پولنگ عمل ختم ٿيڻ تائين سياسي اڳواڻن جي ميڊيا سان ڳالهه لائيو نشر نه ڪن.

اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف، خواجه آصف، خواجه سعد رفيق ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي ميڊيا سان  ڳالهه ٻولهه جو نوٽيس ورتو.

اليڪشن ڪميشن عمران خان، بلاول ڀٽو زرداري، شهباز شريف ۽ خواجه آصف کي سبب ڄاڻايو جو نوٽيس وٺندي ٽي وي چئنلز کي چونڊ ضابطن تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري بابر يعقوب جو چوڻ آهي ته ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ٽي وي چئنلز  به سهڪار ڪن…………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*