چيف اليڪشن ڪمشنر راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ پولنگ اسٽيشنز جا دورا ڪري تفصيل معلوم ڪيا، سندس چوڻ آهي ته چونڊن ۾ شفافيت سندن اولين ترجيح آهي

چيف اليڪشن ڪمشنر راولپنڊي سميت مختلف شهرن ۾ پولنگ اسٽيشنز جا دورا ڪري تفصيل معلوم ڪيا، سندس چوڻ آهي ته چونڊن ۾ شفافيت سندن اولين ترجيح آهي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس ريٽائرڊ سردار رضا راولپنڊي پهچي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي.

چيف اليڪشن ڪمشنر جي دوري دوران پولنگ دير سان شروع ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون ويون، جنهن دوران هن لاڳاپيل عملي کي هدايتون جاري ڪيون.

چيف اليڪشن ڪمشنر اسلام آباد جي مختلف پولنگ اسٽيشنز جو به دورو ڪري ووٽنگ عمل جو جائزو ورتو، جنهن دوران هن اطمينان جو اظهار ڪيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته چونڊن ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ سندن اولين ترجيح آهي، عوام ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ گهرن مان نڪري ۽ قومي فرض پورو ڪري…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*