عام چونڊن ۾ عام شهرين سان گڏ چيف جسٽس جسٽس سياسي اڳواڻن به پنهنجو قومي فرض انجام ڏيندي پولنگ اسٽيشنز پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيا آهن

عام چونڊن ۾ عام شهرين سان گڏ چيف جسٽس جسٽس سياسي اڳواڻن به پنهنجو قومي فرض انجام ڏيندي پولنگ اسٽيشنز پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيا آهن.

صدر ممنون حسين ڪراچي جي ڪلفٽن جي علائقي ڪهڪشان جي گرين وچ ڪاليج ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

خاتون اول بيگم محموده ممنون به ساڳئي پولنگ اسٽيشن پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

چيف جسٽس آف پاڪستان لاهور جي تڪ اين 130 تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو، جنهن دوران هن عوام کي گهرن مان نڪري ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي به اپيل ڪئي.

پاڪستان مسلم ليگ نون جي صدر شهباز شريف جونئير ماڊل اسڪول ماڊل ٽائون لاهور ۾  ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اين اي 53 اسلام آباد تي ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

ليگي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق لاهور جي هاءِ اسڪول ڳڙهي شاهو پولنگ اسٽيشن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد عمر اين اي 54 اسلام آباد ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڊيرا اسماعيل خان ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن پهچي ووٽ ڪاسٽ ڪيو……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*